راڄي ديري جا دڙا

راڄي ديري جا دڙا: هي دڙا، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ راڄي ديري جي ڏکڻ ۾ آهن، جيڪي قديم دؤر جا اهڃاڻ آهن. ثقافتي خيال کان وڏو دڙو سڄو قبرستان هيٺ اچي چڪو آهي، جتي گھڻو اڳ قديم دؤر جي ٺڪر جي ٿانون ۽ سرن جا ٽڪرا گھڻي تعداد ۾ پکڙيل نظر ايندا هئا. موجوده وقت تائين ڪجهه ٺڪراٺو پکڙيل آهي، جيڪو ڪوٽڏيجيءَ جي ٺڪراٺي سان هڪجھڙائي رکي ٿو. ان دڙي جي ڀرسان هڪ ٻيو، ننڍو دڙو پڻ آهي، جنهن مان ملندڙ ٺڪر ۽ ٻيا نوادرات هڙپا دؤر جي وٿن سان هڪجھڙائي رکن ٿا. هي ماڳ سار سنڀال نه لهڻ سبب پنهنجي سڃاڻپ ختم ڪري رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو